Tuesday, November 19, 2013

Article translated in Sindhi and published in Daily Abrat

Article translated in Sindhi and published in Daily Abrat

Use of Religion and Trust deficit
A Case of Religious political Parties




Daily Abrat 17th November 2013
عورت جي حڪمراني
عامر رياض
منور حسن ۽ مولانا فضل الرحمان جي بيانن کانپوءِ مون کي هڪ پراڻو قصو ياد اچي ويو، جيڪو اسان جي مذهبي سياستدانن جي ڪِرندڙ ”ساک“ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو.
مذهب کي سياست جي طابع رکڻ گهرجي يا سياست کي مذهب جي طابع رکيو وڃي يا انهن ٻنهي جي وچ وارو رستو اختيار ڪيو وڃي؟
اِهو بحث وڏي عرصي کان جاري آهي. ان حوالي سان هتي مان پاڪستاني سياسي تاريخ جي ٻن اهم واقعن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس ته جڏهن ٻن اهم مذهبي پارٽين هڪ ئي مسئلي تي مختلف دورن ۾ سياسي ترجيحات تحت مذهب کي پنهنجي سياسي مفاد لاءِ ٻن مختلف طريقن سان استعمال ڪيو.
اُهو مسئلو هو ”عورت جي حڪمراني“ جنهن تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر اِهو مسئلو تمام منجهيل آهي. ڇو ته ان جو بنياد مذهب کان وڌيڪ ”منفي سماجي روايتن“ ۾ کتل آهي.
اِها روايت صرف اڻ پڙهيل يا ڳوٺاڻن ماڻهن تائين محدود ناهي. بلڪه پڙهيل لکيل شهرين ۾ به بدستور موجود آهي. ڇو ته اسان جي (Over simplistic) ٽيڪسٽ بُڪس به ”عورت کي ڪمزور ۽ ڪمتر“ سمجهڻ جو درس ڏئي ٿي.
محترمه فاطمه جناح ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ڳاڻيٽو اسان جي تاريخي ٻن اهم شخصيتن ۾ ٿيندو آهي. فاطمه جناح هونئن ته سياست ۽ سياستدانن کان لاتعلق ۽ بيزار رهندي هُئي، جنهن جو ثبوت مشهور ڪشميري اڳواڻ ۽ قائداعظم جو پرائيويٽ سيڪريٽري ڪي ايڇ خورشيد جي بيگم محترمه ثريه ڪي ايڇ خورشيد جي ڊائري ”محترمه فاطمه جناح ڪي شب و روز“ آهي.
بيگم صاحبه کي محترمه فاطمه جناح سان گڏ رهڻ جو موقعو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ مليو هو. پوءِ خُدا جي ڪرڻي اِئين ٿي جو 1960ع جي ڏهاڪي کان پهريان اڌ ۾ مخالف ڌر وارن محترمه فاطمه جناح کي مجبورن مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻائي ورتو. 1964 جي صدارتي چونڊن ۾ اُن جو مقابلو فيلڊ مارشل ايوب خان سان هو، جيڪو آڪٽوبر 1958 کان مارشلا جي زور تي تخت تي ويٺل هو.
هي اُهو وقت هو جڏهن جمعيت العلماءِ اسلام ۽ ايوب خان ۾ پراڻا لاڳاپا هُئا، جڏهن ته جماعت اسلامي ڪراچي گروپ جي اثر هيٺ ايوب خان جي بدترين مخالف هُئي. اڃا پنجاب يونيورسٽيءَ جو ٺيڪو جماعت اسلاميءَ کي نه مليو هو، ڇو ته اِهو ٺيڪ ته اُن کي 1965 کان پوءِ ڀارت ۽ پاڪستان سرد جنگ جي بدلي ۾ نصيب ٿيو.
جمعيت اسلام جي دانشورن ايوب خاني دانشورن سان گڏجي اِهو بحث هلايو ته اسلام ۾ عورت جي حڪمراني جائز آهي يا نه؟ اِن ڳالهه جو جواب نفيءَ ۾ ڏئي هُنن فاطمه جناح کي مذهبي سطح تي ناڪ آئوٽ ڪرڻ جي مهم تيز ڪري ڇڏي.
مقابلي ۾ جماعت اسلامي هُئي، جنهن کي ايوب خان جي بغض ۾ فاطمه جناح کي قبول ڪرڻو پيو هو. اُن مذهبي جماعت به اسلامي حوالن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ائين ٻنهي طرفن کان مذهب يعني اسلام کي سياست ۾ استعمال ڪيو ويو.
خير فاطمه جناح هارجي وئي ۽ عورت جي حڪمراني وارو بحث کي به پوئتي ڇڏيو ويو. ٺيڪ 24 سالن کان پوءِ پاڪستاني سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عورت جي حڪمرانيءَ جو شوشو ڇڏيو ويو. اِها 1988ع جي ڳالهه آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي 10 اپريل 1986ع ”لاهوري“ استقبال کان پوءِ حڪمرانن لاءِ اُن طوفان کي روڪڻ پهرين ترجيح ڄاڻايو ويو هو.
هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ڪارزار ”عورت جي حڪمراني“ جي حق ۽ مخالفت ۾ سجايا وڃڻ لڳا. اسلامي ۽ تاريخي حوالن جا انبار لڳڻ لڳا. هن ڀيري جيڪي صفحون ترتيب ڏنيون ويون اُهي جماعت اسلامي بوجوا عورت جي حڪمراني جي مخالف ڪيمپ ۾ هُئي، جڏهن ته جمعيت العلماءِ اسلام اُن ڪئمپ ۾ هُئي، جيڪا عورت جي حق ۾ دليل ڏئي رهيا هُئا. بس پوءِ اُهو ئي ٿيو جيڪو دنيا ڏٺو. اُنهن ڏينهن جنگين ۾ صرف مذهبي دانشور ئي شريڪ نه هُئا پر سيڪيولر ۽ لبرل فرد به حصو ورتو.
اُنهن ڏينهن ۾ سياسي جنگين فتح بظاهر جعيت علماءِ اسلام کي نصيب ٿي. 1964 ۾ هنن هڪ عورت ”فاطمه جناح“ کي حڪمران بڻجڻ نه ڏنو ۽ 1988ع ۾ هُن هڪ ٻي عورت ”بينظير ڀٽو“ کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي.
جي يو آءِ راجنيتي ۾ وڌيڪ بهتر رانديگر ته ثابت ٿي هئي پر اُن سياست جو مذهبي ذهنيت تي خاص طور ۽ پاڪستانين تي عام طور وڌيڪ اثر نه پيو هو. اُنهن کي لڳو ته جيڪڏهن سياست ۽ اقتدار جو حصول ئي مطمح نظر آهن ته پوءِ ’عوامي‘ سياسي پارٽيون ئي وڌيڪ بهتر آهن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ مذهب کي پنهنجي مقصدن لاءِ ته استعمال نٿيون ڪن.
ٻين مسلم م
original article published in
http://urdu.dawn.com/2013/11/13/aurat-ki-hukumraani-aamir-riaz-aq/

No comments:

Post a Comment

Followers of Zia's language Policy & literature festivals ضیاالحق دے لسانی سجن اتے ادبی کانفرنساں

  Followers of Zia's language Policy & literature festivals It was dictator Zia ul Hoq who not only played sectarian card but also d...